سوامي ليلا شاهه

سوامي ليلا شاهه: مشهور سنت ليلا شاهه ذات جو برهم کتري هو. هن 1881ع ڌاري ڳوٺ محراب چانڊئي ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ سندس ماءُ ۽ پيءُ گذاري ويا، بعد ۾ چاچي سندس پالنا ڪئي. کيس ننڍپڻ کان ئي ڀڳتي ۽ سنتن جي شيوا سان چاهه هو. ڌرمي ڪمن ۾ گھڻي دلچسپي هوندي هيس. ان ڪري ڪا به اسڪولي تعليم حاصل نه ڪيائين ۽ سنتن جي صحبت ۾ رهڻ لڳو. هن کي سندس چاچي هڪ دڪان تي ملازمت ۾ رکرايو، پر اتي به گھڻو عرصو نه رهيو ۽ وڃي ڀڳتن سان شريڪ ٿيو. چاچي ۽ ٻين عزيزن کيس پرڻائڻ لاءِ زور وڌو، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو، پوءِ جلدي گھر ڇڏي ٽنڊي محمد خان جي ويدانتي مهاتما سوامي ڪيشوداس وٽ ويو ۽ ان وٽ رهي ويدانت جا سبق سکيائين. ويدانت جو اڀياس ڪرڻ سان گڏ وڏن وڏن سنتن سان رهاڻيون به ڪيائين. هو اتر ڪاڇي، ڪشمير، ٿٻيٽ ڪناري وڃي ساڌن ۽ مهاتمائن جو سنگ ڪندو هو ۽ ويدانت جي پرچار ڪندو هو. سوامي ليلا شاهه سٺو سماج سڌارڪ به هو. سنڌ ۾ پئنچائتن جي ايڪي لاءِ گھر گھر وڃي پرچار ڪيائين. ورهاڱي بعد هندستان ۾وڃي رهيو. هن شادين ۾ ٿيندڙ غير ضروري خرچن ۽ پئسن عيوض سڱ ڏيڻ خلاف آواز اٿاريو. هن سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ پڻ عملي طور ڪم ڪيو ۽ نياڻين جي تعليم تي خاص زور ڏنائين. سندس محنتن جي نتيجي ۾ هندستان جي هر سنڌي وسنديءَ ۾ اسڪول ڌرمشالائون، ناري شالائون ۽ گئوشالائون جڙيون. هن سوامي ويدانت ۽ ڀڳتيءَ جي مقصد جا ڪيترائي ڪتاب ڇپرائي مفت تقسيم ڪيا.
سوامي ليلا شاهه، 4 نومبر 1973ع ۾ پالڻپور ۾ پرلوڪ پڌاريو. سندس سماڌي آديپور جي ليلا شاهه آشرم ۾ جوڙائي وئي، جيڪا سندس معتقدن لاءِ تيرٿ آسٿان بڻيل آهي.


لفظ سوامي ليلا شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.11.04  عيسوي

سوامي ليلا شاهه، 4 نومبر 1973ع ۾ پالڻپور ۾ پرلوڪ پڌاريو. سندس سماڌي آديپور جي ليلا شاهه آشرم ۾ جوڙائي وئي، جيڪا سندس معتقدن لاءِ تيرٿ آسٿان بڻيل آهي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد فقير سمو
ڀارو مل اَمراڻي سوٽهڙ
عطاء الله خان مينگل
در محمد گائنچو
انيس الدين ڀٽي
باغ محمد بيشڪ جوکيو
ڀڳت آتم
اسماعيل عرساڻي
جوڻيجو ميان فقير محمد خان
جگر مرادآبادي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون